ڊاڪٽر اسحاق سميجو

ڊاڪٽر اسحاق سميجو

اسحاق سميجو ڊاڪٽر

اسحاق سميجو، ڊاڪٽر: سنڌي ٻوليءَ جو مشھور محقق، نقاد ۽ شاعر ڊاڪٽر اسحاق سميجو، 18 مارچ 1975ع تي، ضلعي دادوءَ جي ڳوٺ فضل پور ۾ جاڙي خان جي گهر ۾ پيدا ٿيو. سنڌي ادب ۾ ايم.اي ڪرڻ کانپوءِ سنڌ يونيورسٽي، ڄامشوري مان ’سنڌي ادب تي ترقي پسند تحريڪ جو اثر‘ جي موضوع تي مقالو لکي ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪئي. سنڌ يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي ۾ پروفيسر ۽ سنڌي شعبي جو چيئرمئن پڻ رهيو آهي. ڪجهه عرصو انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ جو ڊائريڪٽر ۽ هن وقت سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري جي چيئرمئن طور خدمتون انجام ڏيئي رهيو آهي. ان کان علاوه ثقافت کاتي جي مختلف ڪميٽين، سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي بورڊ آف گورنرس جو ميمبر ۽ 2023ع ۾ قائم ٿيل آرٽس ڪائونسل آف حيدرآباد جو صدر پڻ آهي. هن لکڻ جي شروعات ٻاراڻي ادب ۾ گيت، ڪھاڻيون ۽ ڪالم لکڻ سان ڪئي. 1990ع کان شاعريءَ جي شروعات ڪئي. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: ’دنيا جون لوڪ آکاڻيون‘ (1998ع)، ’تاريخي ماڻهو تاريخي ڳالهيون‘ (1998ع)، ’صدا بيچين آهي‘ (شاعري، 2003ع)، ’دل جو رستو‘ (شاعري، 2003ع، ’گيڙُو ويس غزل‘ (شيخ اياز جي غزلن جو ڪليات، 2004ع)، ’شاعريءَ سان دشمني‘ (تنقيد، 2005ع)، ’گناھه جا گيت‘ (شاعري، 2006ع)، ’هڪڙي هئي بينظير‘ (2008ع)، ’ناءُ هلي آءُ گيت کڻي‘ (شاعري شيخ اياز، 2010ع)، ’ڪورائي جو ڪلام‘ (2010ع)، ’اکر پڙهه الف جو‘ (ٻارن لاءِ، شاهه لطيف جي شاعري، 2012ع)، ’ڳاءِ انقلاب ڳاءِ‘ (شاعري شيخ اياز، 2015ع)، ’صادق فقير: توکان ٿيندي ڌار‘ (ترتيب، 2015ع)، ’اياز، شيام، استاد‘ (شاعري، 2017ع)، ’جنم ڀومي شمشان ڀومي‘ (علي بابا جي ڪھاڻين جي ترتيب، 2017ع)، ‘علي بابا جون ڪھاڻيون‘ (ڪليات، 2017ع)، ’ڪلاسيڪل سنڌي شاعريءَ جو اهم رتن: ميون شاهه عنات رضوي‘ (ترتيب، 2019ع)، ’شيخ اياز جي شاعري‘ (تنقيد، 2020ع)، ’مور نگر تي مينھن‘ (شاعري، 2020ع)، ’ڀلي ڪئي ڀؤنرن‘ (ترتيب، 2021ع)، ’ڪمري ۾ پوپٽ‘ (ترتيب، 2022ع) ۽ ’ٻئي طرف قبيلو هو‘ (شاعري، 2024ع) شامل آهن. ان کان سواءِ جنوري 2008ع کان اعزازي ايڊيٽر طور ٽماهي ”سارنگا“ سندس نگرانيءَ ۾ شايع ٿيندو اچي، جنھن جا ڪجهه خاص نمبر پڻ ڇپيل آهن، جن ۾: علي بابا نمبر، آغا سليم نمبر، عبدالقادر جوڻيجو، حسن درس ۽ طارق عالم نمبر اهم آهن. سندس ادبي ڪمن جي مڃتا طور مختلف ادارن طرفان ڪيترائي اوارڊ پڻ ملي چڪا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1975.03.18  عيسوي

اسحاق سميجو 18 مارچ 1975ع تي ضلعي دادوءَ جي ڳوٺ فضل پور ۾ ڄائو



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اورنگزيب ڀٽي
آسو رام
آزاد بلگرامي
افتخار عارف
امداد حسيني
الطاف حسين حالي
نواز خان زنئور
تيرٿ روچيرام منگوراڻي پريتم
آزاد بخاري
عـبـدالله وريـاهه
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون